هراري (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر جمي نيشم ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم جو اڻ وڻندڙ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
ڪيوي جي آل رائونڊر پروٽيز خلاف زمبابوي ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، هو پنهنجي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ ستون ڀيرو ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو آهي.
ان ميچ کانپوءِ جمي نيشم اهڙن 43 بيٽرز جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ ست ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿي چڪا آهن.
ان فهرست ۾ اڳوڻي ڀارتي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي، پاڪستان جو بابر اعظم ۽ محمد حفيظ، ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ۽ انگلينڊ جو جيسن راءِ پڻ شامل آهن.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ کاتو کولڻ بنا پويلين موٽندڙ رانديگرن ۾ روانڊا جي زاپي بيمي نيمانا ۽ ڪيوني ايزاڪوزي، بنگلاديش جي سوميا سرڪار، سريلنڪا جي داشن شناڪا ۽ آئرلينڊ جي پال اسٽرلنگ شامل آهن، اِهي سڀ 13 ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿي چڪا آهن.
You might also like