ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي جارح مزاج آل رائونڊر آندري رسل عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آندري رسل هلندڙ مهيني ويسٽ انڊيز ۾ آسٽريليا خلاف پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز دوران ٻه ميچون کيڏڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو.
آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 20 کان 28 جولاءِ تائين کيڏي ويندي.
آندري رسل پنهنجي هوم گرائونڊ جميڪا جي سبينا پارڪ ۾ 22 جولاءِ تي پنهنجي آخري انٽرنيشنل ميچون کيڏندو.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ آندري رسل جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ” اسان پندرنهن ورهين تائين ويسٽ انڊيز جي شان لاءِ دل ۽ جذبي کيڏڻ ته توهان جا ٿورائتا آهيون.“
Prev Post
You might also like