ويسٽ انڊيز ڊريم ٽيم جي آخري رڪن آندري رسل به عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي جارح مزاج آل رائونڊر آندري رسل عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آندري رسل هلندڙ مهيني ويسٽ انڊيز ۾ آسٽريليا خلاف پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز دوران ٻه ميچون کيڏڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو.
آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 20 کان 28 جولاءِ تائين کيڏي ويندي.
آندري رسل پنهنجي هوم گرائونڊ جميڪا جي سبينا پارڪ ۾ 22 جولاءِ تي پنهنجي آخري انٽرنيشنل ميچون کيڏندو.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ آندري رسل جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ” اسان پندرنهن ورهين تائين ويسٽ انڊيز جي شان لاءِ دل ۽ جذبي کيڏڻ ته توهان جا ٿورائتا آهيون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.