چوماسي هوائون سنڌ ۾ داخل، اڄ کان وسڪارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي هوائن جي تحت سڀاڻي کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائون سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن جي اثر هيٺ اڄ دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
ان کان کانسواءِ سڀاڻي کان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ به ڪڪر وسندا، جڏهن ته 19 جولاءِ تي ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ پڻ برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ به 19 جولاءِ تي گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.