پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ پنجاب سان گڏ آهي: نياز ڪالاڻي

شھدادپور/ مقصودو رند( نمائندا)جسقم بشير خان جي چيف آرگنائيزر  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ پنجاب سان گڏ آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي تنظيمي دوري تي شھدادپور پھتو، پريس ڪلب  ۾ ڳالھائيندي ھن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سدائين سنڌ کي نقصان ڏنو آھي ھن چيو ته لکين ايڪڙ زمين جي ونڊ ورڇ  ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌ جو عوام جاڳي چڪو آھي،عمر ڪوٽ جو ڌرڻو تاريخي ھوندو.  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي زمين ڏئي سنڌ جي ماڻھن کان زمين کسي پئي وڃي. پنجاب سنڌ مان نڪرندڙ تيل گيس ڪوئلو پنھنجي ملڪيت سمجھي کائي رھيو ايستائين جو ٿر جي بجلي تي پڻ ڌاڙو ھڻي رھيو آھي. سنڌ جو عوام  29 جولاءِ تي پنھنجي وسيلن کي بچائڻ لاءِ نڪري اچي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مقصودو رند ۾ ڊاڪٽر محمد حسن رند پاران ڏنل آجياڻي ۾ چيو ته سنڌ جي وسيلن کي مال غنيمت سمجهي ڦريو لٽيو پيو وڃي پيپلزپارٽي وفاق سان گڏ آھي پيپلزپارٽي سنڌ جو پاڻي ۽ زمينون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن. ان موقعي تي پنھل ساريو ، اڪبر مري، شريف ڪلھوڙو ، محمد علي کوسو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.