مانچيسٽر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ تجزئي نگار ۽ ڪامينٽيٽر هارشا ڀوگلي هڪ پراڻي ياد شيئر ڪندي چيو آهي ته سال 2013ع ۾ راهول ڊريوڊ هن کي چيو هو ته ”جيڪڏهن ويرات ڪوهلي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان محبت آهي ته پوءِ ايندڙ نسل به ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي پسند ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهي ويرات ٿيڻ چاهيندا.“
هارشا ڀوگلي جو هي بيان سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ مداح ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ جذبي ۽ ڪميٽمينٽ جي ساراهي رهيا آهن.
هرشا ڀوگلي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” مون کي ياد آهي جڏهن 2013ع ۾ راهول ڊريوڊ کيس چيو هو ته جيڪڏهن ويرات کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان پيار آهي ته پوءِ ايندڙ نسل به هن فارميٽ کي چاهيندو ڇو ته هر ڪنهن جي اِها خواهش هوندي ته هو ڪوهلي جيان پرفارم ڪري.
ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪيريئر جي مختصر نظر
ويرات ڪوهلي جو ٽيسٽ ڪيريئر 14 ورهين تي پکڙيل آهي، هن 123 ميچن جي 210 اننگز ۾ 30 سينچرين ۽ 31 ففٽين ۽ 46 ڏهائي 85 جي ايوريج سان 9230 رنسون ٺاهيون.
ڪوهلي 2011ع ۾ ويسٽ انڊيز جي سبينا پارڪ ۾ ڀارت لاءِ ڊيبيو ڪيو ۽ سوا ٽن سالن جي عرصي دوران هو ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻجي ويو.
سال 2014ع ۾ انگلينڊ جي پهريون دورو سندس ڪيريئر جو اهم موڙ ثابت ٿيو جتي جيمز اينڊرسن آڏو سندس هڪ نه هلي، ان سيريز دوران هو ڏهن اننگز ۾ رڳو 134 رنسون ٺاهي سگهيو، مٿس تنقيد ٿي، پر ان ناڪاميءَ سندس ڪاميابي جي سفر جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
انگلينڊ جي ڀوائتي دوري کانپوءِ ڪوهلي پنهنجي ٽيڪنيڪ تي محنت ڪئي، سچن ٽنڊولڪر سان مشاورت ڪئي ۽ پاڻ تي يقين، سخت محنت، ۽ شاندار فٽنس جي ڏڍ تي ٻيهر ميدان ماريو.
ڊسمبر 2014ع ۾ آسٽريليا خلاف ايڊيليڊ ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون ۽ پوءِ سندس نالو دُنيا ۾ گونجڻ لڳو.
ان دوري دوران ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ ويرات ڪوهلي چيو هو ته ” ڀارتي ڪرڪيٽر هئڻ طور ماڻهو سمجهندا آهن ته اسان کي اهڙي انداز ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي، پر مان ان ڳالهه سان اتفاق نه ٿو ڪريان، جيڪڏهن ڪائي ٽيم توهان کي ذهني طور دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته پوءِ اسان کي به ان جو جواب ان ئي نموني ۾ ڏيڻ گهرجي.“
۽ پوءِ اسان ويرات ڪوهليءَ کي ميدان ۾ جارحاڻي انداز ۾ مقابلو ڪندي ڏٺو، سليجنگ جو ڀرپور جواب ڏيندي ڏٺو.
ان ئي دوري دوران جڏهن مهيندر سنگهه ڌونيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي ته ويرات ڪوهلي کي ڪپتاني سونپي وئي، هن نه رڳو ڀارت جي سڀ کان ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجي نئين تاريخ لکي پر 40 ٽيسٽ ميچون کٽڻ، لاڳيتو 9 سيريزن ۾ فتح ۽ پرڏيهه ڪاميابين جو نئون معيار طئي ڪيو.
ڪپتان طور هن ڀارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ چاليهه ميچون کٽيون ۽ ڪامياب ترين ايشيائي ڪپتان بڻيو.
هن ڪپتان طور ويهه سينچريون جنهن ۾ ڇهه ڊبل سينچريون پڻ شامل آهن، سندس مجموعي اسڪور5864 رهيو، سندس بهترين انفرادي اننگز 254 ناٽ آئوٽ آهي، ڪوهلي پنج ڀيرا هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي بيٽر جو اعزاز ماڻيو.
جڏهن ته 2018ع ۾ ڪوهلي انگلينڊ واپس وريو ته هو هڪ مختلف رانديگر جي روپ ۾ نظر آيو، جتي هن 59 ڏهائي 30 جي ايوريج سان 583 رنسون ۽ ٻه شاندار سينچريون جڙيون، جنهن کانپوءِ برطانوي ميڊيا کيس ” ڪنگ ڪوهلي “ جو لقب ڏنو.
جيتوڻيڪ ويرات لکيو آهي ته هي فيصلو آسان نه هو پر حقيقت اِها آهي ته گذريل 38 ٽيسٽ ميچن ۾ هو رڳو 3 سينچريون ٺاهي سگهيو.
ڊريوڊ کي پڪ هئي ته ”ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان محبت نئين نسل لاءِ اُتساهه بڻبي “: هرشا ڀوگلي
You might also like