اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان واضح ڪيو آهي ته اسلام آباد ۾ مقرر ايراني سفير رضا امير مقدم کي سفير طور سموريون سفارتي مراعتون ۽ ڇوٽ حاصل آهي.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ رضا امير مقدم جو نالو انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ان حوالي سان چيو ته پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ان جو پاڪ – ايران ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته رضا امير مقدم پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ جو سفير آهي ۽ ويانا ڪنوينشن تحت کيس سموريون سفارتي مراعتون ۽ تحفظ حاصل آهي.
You might also like