غزا پٽي ۾ ”نسل ڪشي“ روڪرائڻ لاءِ عالمي دنيا تڪڙا قدم کڻي: گڏيل قومن جي اهلڪار

بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي غزا پٽي ۽ اولهه ڪناري لاءِ اهلڪار فرانچيسڪا البانيزي چيو آهي ته عالمي برادري کي هاڻ غزا ۾ جاري نسل ڪشي روڪرائڻ لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن.
البانيزي اهڙن خيالن جو اظهار ڪولمبيا جي تخت گاهه بوگوٽا ۾ 30 ملڪن جي نمائندن جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ روڪرائڻ لاءِ امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو.
شريڪ ملڪن غزا پٽي ۾ اسرائيلي ڪارروائين کي فلسطينين خلاف نسل ڪشي قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.