ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حدن ۾ نوجوان تي تشدد واري واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
شروعاتي جاچ ۾ واقعي کي ذاتي دشمني قرار ڏنو پيو وڃي.
حيدرآباد ۾ هڪ مقامي فنڪارا جي پٽ فرحان ڪيريو کي ڪجهه نوجوانن مبينا طور اغوا ڪري باءِ پاس جلسي گاهه گرائونڊ ڀرسان تشدد جو نشانو بڻايو هو، ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
وڊيو ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته فرحان کي هاڪي ۽ پسٽل جي بٽ سان ماريو ويو ۽ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون.
وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ عوامي دٻاءَ تي حيدرآباد پوليس متحرڪ ٿي، ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو فوري طور نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او هٽڙي کي واقعي جي مڪمل جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم ڏنا.
پوليس متاثر نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو، شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي ته اهو واقعو ڪو اتفاقي حملو نه هو پر ان جي پويان هڪ پراڻو ذاتي تڪرار هو.
پوليس موجب شروعاتي جاچ سان خبر پئي آهي ته متاثر نوجوان فرحان ڪيريو جي هڪ سال اڳ زين شاهه، ارسلان سومرو، علي بلوچ، عبدالرحمان ۽ منير ڏهوٽ سان ڏند چڪ ۽ جهيڙو ٿيو هو، پوءِ انهن ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي، مبينا طور تي ان کي جهيڙي کي بنياد بڻائي جوابدار فرحان کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو به ٺاهي وئي، جنهن کي پوءِ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيو ويو.
پوليس متاثر نوجوان جي ڀاءُ ڪامران ڪيريو جي فرياد تي مختلف قلمن تحت واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن مک جوابدارن ارسلان سومرو ۽ علي بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
حيدرآباد ۾ نوجوان تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻه جوابدار گرفتار، معاملو ڇا آهي؟
You might also like