ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عينا آصف چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سندس رنگت، جسماني بيهڪ ۽ لباس تي تبصرو ڪندڙ ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هوءَ اڃا ٻار آهي، سندس عمر رڳو 16 سال آهي.
برطانوي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ عينا آصف پنهنجي زندگي ۽ فني سفر بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن ٻڌايو ته کيس پنهنجي پهرين ئي ڊرامي ذريعي ڪاميابي ۽ سڃاڻپ ملي، ان وقت سندس عمر 14 سال هئي، جڏهن ته هاڻي 16 سال آهي ۽ هوءَ اڃا به پاڻ کي ٻار ئي سمجهي ٿي.
هن چيو ته خوش نصيبي سان سندس واسطو اهڙي گهر سان آهي، جتي سندس احساسن، حرڪتن ۽ شوقن کي سمجهيو ويو، کيس پنهنجي مرضي موجب جيئڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو، جنهن ذريعي هن ۾ وقت سان گڏ بهتري آئي.
عينا آصف چيو ته شخصيت طور هوءَ سکڻ واري مرحلي ۾ آهي، سندس ذهني واڌ ويجهه ٿي رهي آهي، پر ان جي باوجود هوءَ عمر ۾ اڃا ننڍڙي آهي ۽ ماڻهن کي تبصرو ڪرڻ وقت اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
هن چيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرن کيس سخت متاثر ڪيو، پهرين ۾ کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، پر پوءِ احساس ٿيو ته ماڻهو مذاق ڪري رهيا آهن ۽ بي عزتي ٿي رهي آهي، جنهن سان سندس ذهني صحت تي پڻ اثر پيو.
عينا آصف ٻڌايو ته هاڻي هوءَ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرن تي گهڻو ڌيان نٿي ڏئي، پر ان باوجود ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته هوءَ اڃا 16 ورهين جي آهي، ان لاءِ اهڙن تبصرن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا موجب، ماڻهو اڪثر چون ٿا ته هوءَ ٻار نٿي لڳي، پر هوءَ چاهي جيئن به لڳي حقيقت اها آهي ته هوءَ اڃا ٻار آهي.
ذهني صحت بابت بيان جي وضاحت ڪندي عينا آصف چيو ته سندس بيان کي غلط سمجهيو ويو.
هن چيو ته جڏهن هوءَ علاج لاءِ وئي ته ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بدران رڳو مذهبي نصيحتون ڏنيون، جنهن سبب مرض ختم ٿيڻ بدران وڌي ويو. هن تسليم ڪيو ته کيس اهڙي نازڪ موضوع تي وڌيڪ بهتر لفظن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن ها.
هڪ سوال جي جواب ۾ عينا آصف چيو ته هوءَ اهڙا منظر نٿي ڪري، جن سان هوءَ وڏي عمر جي لڳي، هوءَ رومانوي سين نٿي ڪري نه ئي بولڊ لباس پائي ٿي.
هن اهو به چيو ته ڀلي هوءَ 20 ورهين جي ٿي وڃي، پر پوءِ به رومانوي منظر شوٽ نه ڪرائيندي.
You might also like