پورٽ آف اسپين (ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا هٿان بدترين شڪست کانپوءِ ويسٽ انڊيز بورڊ اهم اجلاس سڏائي ورتو.
آسٽريليا هٿان ٽِين ٽيسٽ ميچ ۾عبرتناڪ شڪست کانپوءِ سيريز ۾ وائيٽ واش ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز طرفان هوم سيريز دوران ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس گهرايو ويو آهي.
اجلاس ۾ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي به صلاح مشوري لاءِ طلب ڪيو ويو.
ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ليجنڊري ڪپتان ڪلائيو لائيڊ، سر ويوَ رچرڊز ۽ برائن لارا کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. ٽيئي ڪرڪيٽر ويسٽ انڊين بورڊ جي ڪرڪيٽ اسٽريٽيجي ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندا.
ان ڪميٽي ۾ شيونرائڻ چندرپال، ڊيسمنڊ هينز ۽ براڊ شا پڻ شامل آهن.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جي صدر ڊاڪٽر ڪيشور شيلو جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو ويو آهي، هن واضح ڪيو ته هي رڳو علامتي گڏجاڻي نه هوندي، پر اسان جو ارادو آهي ته ان مان عملي ۽ جوڳا نتيجا حاصل ڪيون.
You might also like