قلات ۾ مسافر بس تي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي نيمرغ ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون اتي پهچي ويون.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند تصديق ڪندي ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 3 مسافر شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن.
هن چيو ته زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.