واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي جاچ اداري ايف بي آ پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا امير مقدم کي انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.
ايراني سفارتڪار رضا امير مقدم تي آمريڪي رٽائرڊ خاص ايجنٽ باب ليونسن جي اغوا ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
رپورٽ موجب ايراني سفير کانسواءِ وڌيڪ ٻن ايراني اهلڪارن تي به آمريڪي رٽائرڊ خاص ايجنٽ جي اغوا ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
واضح رهي ته باب ليونسن کي 2007 ۾ ايران جي ٻيٽ ڪيش مان اغوا ڪيو ويو هو.
ان حوالي سان ايف بي آءِ چيو ته ليونسن جي اغوا ۾ ملوث ڪنهن به شخص کان حساب وٺڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
ايف بي آءِ پاڪستان ۾ ايراني سفير کي انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو
You might also like