ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ مايوس ڪندڙ خبر سامهون آئي آهي، جتي اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم، وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان، فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه جي فوري واپسي جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
چئني سپر اسٽار ڪرڪيٽرن کي ويسٽ انڊيز خلاف شيڊيول ون ڊي سيريز ۾ شامل ڪرڻ جي اميد هئي، پر هاڻ لڳي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڻ ئي ون ڊي سيريز ۾ دلچسپي نٿو رکي.
ذريعن موجب، جيڪڏهن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ٽن ون ڊي ميچن بدران پنج ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏڻ لاءِ راضي نه ٿيو ته پاڪستان ٽيم آمريڪا ۾ رڳو ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي وطن واپس موٽي ايندي ۽ ون ڊي سيريز کي بعد ۾ شيڊيول ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي ڍاڪا روانگي کان اڳ ان صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
پي سي بي ويسٽ انڊين بورڊ کي خط لکي چڪو آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ پاڪستان پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڪيئي ڏينهن گذرڻ باوجود ويسٽ انڊين بورڊ طرفان ان اي ميل جو جواب نه ڏنو ويو.
پاڪستاني ٽيم 25 جولاءِ تي ڍاڪا مان دبئي رستي آمريڪا روانو ٿيندي، جتي ويسٽ انڊيز سان فلوريڊا ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون پهرين، ٽين ۽ چوٿين آگسٽ تي کيڏيون وينديون، ان کانسواءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ دوستاڻي ٽي ٽوئنٽي ميچ پڻ شيڊيول آهي.
ياد رهي ته گذريل سال آمريڪا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏني هئي.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ون ڊي سيريز 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوبيگو ۾ رٿيل آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ويسٽ انڊين بورڊ ٽي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اشتهار ڏئي رهيو آهي.
ان باوجود پاڪستاني ٽيم جي ويسٽ انڊيز وڃڻ بابت اڃا تائين ڪا حتمي اعلان ناهي ٿيو.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪجهه تبديليون ضرور ٿينديون، پر بابر، رضوان، شاهين يا نسيم کي رڳو ڪنهن رانديگر جي انجري جي صورت ۾ ئي موقعو ملڻ جو امڪان آهي.