دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو ميراٿون رنر فوجا سنگهه ڪار جي ٽڪر ۾ فوت، گاڏيءَ جو مالڪ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري ميراٿون رنر فوجا سنگهه روڊ حادثي جي ڪيس ۾ ڪار جو مالڪ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فوجا سنگهه جالنڌر ويجهو پنهنجي ڳوٺ جي سڻڪ تي هڪ ڪار جي ٽڪر جو شڪار ٿيو، جنهن بعد هو اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ گذريل ڏينهن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيائين.
حادثي جي اٽڪل 30 ڪلاڪن بعد پوليس ان گاڏي جي نشاندهي ڪري ورتي، جنهن فوجا سنگهه کي ٽڪر هڻي زخمي ڪيو هو ۽ ان جي مالڪ کي گرفتار ڪري گاڏي پڻ تحويل ۾ ورتي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، گرفتار ٿيل شخص جي سڃاڻپ 26 ورهين جي امرت پال سنگهه ڍلون جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو جالنڌر جي ڪرتارپور سان تعلق رکي ٿو.
پوليس موجب، امرت پال سياحتي ويزا تي ڪئناڊا ويو هو ۽ هاڻي سندس اتي ئي رهائش آهي پر هو گذريل مهيني جي آخر ۾ ڀارت واپس آيو هو..
پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي جي مدد سان حادثي ۾ استعمال ٿيل ڪار جي نشاندهي ڪئي وئي، جيڪا ڪپورٿلا جي رهواسي ورندر سنگهه جي نالي تي رجسٽرڊ هئي.
ورندر سنگهه پوليس کي ٻڌايو ته هن اها ڪار 26 ورهين جي امرت پال سنگهه ڍلون کي وڪرو ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پوليس امرت پال کي گرفتار ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، امرت پال سنگهه پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجي موبائل فون کپائڻ بعد گهر واپس پئي آيو ته ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.
هن وڌيڪ چيو ته کيس خبر نه هئي ته جيڪو همراهه حادثي جو شڪار ٿيو، اهو ميراٿون رنر آهي۽ کيس ان بابت ميڊيا ذريعي خبر پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.