ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي ھڪ اعلى سطحي وفد ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاه سان سندن دفتر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾صوبائي نائب امير ۽ ڪراچيءَ جي امير منعم ظفر، نائب صوبائي امير حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، ڪراچي جو نائب امير مسلم پرويز ۽ معاون خصوصي زاهد حسين راڄپر پڻ موجود هئا. جماعت اسلامي وفد ڊي آءِ جي کي شهر ۾ ٽريفڪ جام، ڊمپر حادثن، نمبر پليٽ بدلي ڪرڻ جي اوٽ ۾ شهرين جي بي عزتي توڙي ڳرا چالان ڪٽڻ واري صورتحال تي سخت ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڪاشف سعيد شيخ چيو ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت ۽ اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جو احتجاج فقط شهرين سان غلط ۽ توهين آميز رويي توڙي غريب دشمن قدمن خلاف آهي. هن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته موئن جي دڙي جهڙن روڊن تي دبئي ۽ يورپ وارا قانون لاڳو ڪيا پيا وڃن جيڪا ڳالهه عوام سان سراسر ظلم آهي.ڪراچي لاءِ نيون نمبر پليٽون نه رڳو قانوني ضرورت بلڪه عوام جي استحصال جو ذريعو بڻجي چڪيون آهن، اجرڪ اسان جو ثقافتي ۽ فخر جو نشان آهي ان کي تڪراري نه بڻايو وڃي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاه جماعت اسلامي جي وفد کي يقين ڏياريو ته سيف سٽي، ٽريفڪ جي مسئلن سميت نمبر پليٽ جي تبديلي جي سلسلي ۾ عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي وفد پير محمد شاه سان سندن والد محترم جي وفات تي ڏک جو اظهار، فاتحه خواني ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ پڻ دُعا ڪئي.
 
			