ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سعيد آباد ۾ پاڪ بحريا جي ملازم کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
ايس ايس پي ڪياماڙي ڪيپٽن (رٽائرڊ) فيضان علي موجب 50 ورهين جو محمد نديم پنهنجي ڊيوٽي مڪمل ڪري موٽر سائيڪل تي گهر وڃي رهيو هو ته سيڪٽر 14 سي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن کيس گولي هنئي ۽ فرار ٿي ويا.
محمد نديم کي سول اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
ايس ايس پي ڦر واقعي جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته قتل جو ڪارڻ ذاتي دشمني ٿي سگهي ٿو، مقتول پاڪ بحريا ۾ سويلين ملازم هو.
Next Post
You might also like