سنڌ جي ڏاچي پاڪستان جي پهرئين هٿرادو ڄنگهه واري جانور جو اعزاز ماڻي ورتو

گذريل سال سانگهڙ ۾ ظلم جو نشان بڻجندڙ ڏاچيءَ کي هٿرادو ڄنگهه لڳائڻ جو تجربو ڪامياب ٿي ويو ۽ هاڻ اها پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي.
واضح رهي ته جون 2024 ۾ ڏاچيءَ جي مالڪ سومر بهڻ چيو هو ته سندس ڏاچي هڪ وڏيري جي زرعي زمين ۾ هلي وئي هئي، جنهن کانپوءِ وڏيري مبينا طور ملازمن سان گڏجي ڪيمي تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ تکي اواز سان ان جي ڄنگهه ڪَٽي ڇڏي.
ان واقعي کانپوءِ ڏاچي کي هٿرادو ڄنگهه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عضوا تيار ڪندڙ مقامي ڪمپني سي ڊي آر ايس بينجي پراجيڪٽ شيلٽر جي ماهرن ڏاچي جو معائنو ڪيو هو ۽ ان جي هٿرادو ڄنگهه پاڪستان ۾ ئي تيار ڪئي وئي هئي.
هڪ سال کان وڌيڪ عرصي بعد هٿرادو عضوا تيار ڪندڙ ڪمپني بائيونڪس ڏاچي کي نه رڳو هٿرادو ڄنگهه لڳائڻ جو تاريخي ڪارنامو انجام ڏنو پر ان کي پنهنجي ڄنگهه تي بيهاري به ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جا ويٽنري ڊاڪٽر زخمي ڏاچي جي علاج لاءِ آن لائن رابطي ۾ رهيا، هٿرادو ڄنگهه ڪاربن فائبر، اسٽيل ۽ ايئر ڪرافٽ ايلمونيم سان تيار ڪئي وئي، جنهن کي زخم ڀرجڻ کانپوءِ لڳايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.