صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ اهم ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ۾ ملڪ جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بُڪ تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات دوران خواجا محمد آصف، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، محسن نقوي ۽ راڻا ثناءُ الله به موجود هئا.
ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ملڪ اندر امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف کنيل قدمن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.
وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي بهتري لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت صدر کي آگاهه ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.