اسلام آباد سيشن ڪورٽ هڪ ٻئي يوٽيوب چينل جي بندش جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد سيشن ڪورٽ هڪ ٻئي صحافي جي يوٽيوب چينل جي بندش جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.
اڱاري ڏينهن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا جڊيشل ميجسٽريٽ جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت حبيب اڪرم جي يوٽيوب چينل جي بندش جو حڪم معطل ڪندي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي 21 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته عدالت صحافي مطيع الله جان ۽ اسد طور سميت 7 يوٽيوب چينلن جي بندش جو حڪم به معطل ڪيو هو.
ان کان اڳ جڊيشل ميجسٽريٽ عباس شاهه 27 يوٽيوب چينل بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.