ن ليگ جي عورت ايم پي اي جو اپوزيشن ميمبرن تي هراساني جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ جي ميمبر راحيلا خادم حسين اپوزيشن ميمبرن تي هراساني جو الزام هڻي ڇڏيو.
پنجاب اسيمبلي ۾ معطل اپوزيشن ميمبرن جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي وئي، پنجاب اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ميمبر ورڪ پليس هراساني جي درخواست اسپيڪر کي جمع ڪرائي ڇڏي.
راحيلا خادم حسين اپوزيشن جي معطل 26 ميمبرن مان 4 جي رڪارڊنگ به اسپيڪر کي موڪلي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپوزيشن ميمبرن انتهائي غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي، اپوزيشن جي عورت ميمبر به گاريون ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اپوزيشن ميمبرن گاريون ڏنيون ۽ ورڪ پليس تي هراسان ڪيو.
هن چيو ته اپوزيشن رولز آف پروسيجرز 223 جي پاسداري نه ڪندي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، تنهنڪري نااهل جي سوال تي اسپيڪر رولنگ ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.