تيل اگهن جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 60 پئسا، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 27 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
هوڏانهن گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 74 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 23 پيسا في ليٽر لاٿ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب تيل اگهن ۾ تبديلي بابت اوگرا پنهنجي سمري حڪومت کي موڪليندي.
حتمي منظوري وزيراعظم طرفان ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ نون اگهن جو باضابطا طور اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.