راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 24، 26 نومبر جي 14 ڪيسن ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي عبوري ضمانتن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
خاص عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي.
عدالت عمر ايوب جون عبوري ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون ۽ کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like