”فقيرن وانگر هٿ ٻڌي پيسا وٺڻا پون ٿا“ محمد احمد ملڪي شوبز انڊسٽريءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار محمد احمد شوبز انڊسٽري ۾ معاوضن جي ادائيگي ۾ دير تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته پروڊڪشن هائوسز اداڪارن سان اهڙو ورتاءُ ڪن ٿا، ڄڻ ته اسان فقير آهيون، جيڪي هٿ ٻڌي پنهنجو حق وٺن.
ادڪار پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته جڏهن اسان سان ڪو به معاهدو ڪيو ويندو آهي ته اسان مان اميد ڪئي ويندي آهي ته هر شرط تي عمل ڪيون ۽ اسين ايمانداري سان ڪندا به آهيون، پر جڏهن ڳالهه ادائيگي جي اچي ٿي ته حالت اها هوندي آهي جو چيڪ وٺڻ لاءِ به فقيرن وانگر منٿون ڪرڻيون پونديون آهن.
محمد احمد چيو ته ” مان ڪڏهن به سيٽ تي دير سان نٿو پهچان، نه ڪنهن کي تڪليف ڏيندو آهيان، هر ڪم پروفيشنل انداز سان ڪندو آهيان، پر ان باوجود معاوضو وقت تي نٿو ملي، 3 کان 4 مهينا دير سان ادائيگي معمول بڻجي وئي آهي.“
ادڪار وڌيڪ چيو ته ” ڪجهه پروڊڪشن هائوسز چيڪ ڏيڻ وقت اهڙو تاثر ڏيندا آهن ڄڻ ته اسان تي ٿوري ڪري رهيا هجن.“
هن شڪايت ڪئي ته هتي اداڪارن کي نه رڳو ذهني تڪليف ڏني وڃي ٿي، پر عزت نفس کي به لتاڙيو وڃي ٿو، خاص ڪري اهڙن فنڪارن لاءِ ته هي ظلم آهي، جن جو گذر سفر رڳو شوبز تي آهي.“
واضح رهي ته محمد احمد کان اڳ به ڪيترائي اداڪار، جن ۾ نوين وقار، سونيا حسين ۽ ٻين شوبز شخصيتن شڪايت ڪئي آهي ته پاڪستاني انڊسٽري ۾ ادائيگين بابت غير سنجيدگي ۽ دير جو رويو عام ٿي ويو آهي، جنهن ڪري فنڪارن کي مالي ۽ جذباتي اذيتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.