ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا اسٽار، ماڊل ۽ اداڪاا فيروز خان جي اڳوڻي زال سيده عليزا سلطان عورتن کي جيون ساٿيءَ جي چونڊ بابت مشورو ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته هو وڏو فيصلو ڪرڻ کان اڳ 100 سال تائين سوچين.
انسٽاگرام اسٽوري ۾ عليزا سلطان عورتن کي خبردار ڪيو ته هو زندگيءَ جي اهم فيصلي ۾ تڪڙ نه ڪن، پنهنجو وقت وٺي سوچي، سمجهي فيصلو ڪن ته جيئن پوءِ پڇتائڻو نه پوي.
هن لکيو ” صحيح جيون ساٿي جي چونڊ نهايت ضروري آهي، پنهنجي زندگيءَ جو هي وڏو فيصلو ڪرڻ کان اڳ مڪمل غور ويچار ڪريو، ڇو ته هڪ غلط فيصلو سڄي زندگيءَ تي اثر وجهي سگهي ٿو.“
عليزا سلطان موجب، جيڪڏهن بنا سوچڻ جي ڪنهن غلط ماڻهوءَ سان شادي ڪئي وئي ته زندگيءَ جو هر توهان اوهان لاءِ عذاب بڻجي ويندو ۽ توهان هر وقت پاڻ کي ئي ڏوهي سمجهندئو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجي ناڪام شادي بابت سڌو سنئون ڪجهه به نه لکيو، پر سندس پوسٽ ڪيترن ئي شوبز سوشل ميڊيا پيجز طرفان شيئر ڪئي وئي، جتي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
عليزا سلطان جي بيان کي سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي ۽ ڪيترن ئي صارفين سندس تجربي جي روشني ۾ ڏنل هن مشوري کي اهم قرار ڏنو.
واضح رهي ته عليزا سلطان ۽ فيروز خان وچ ۾ 2022ع ۾ طلاق ٿي هئي. ٻنهي کي ٻن ٻارن هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، جن جي پرورش ٻئي گڏجي ڪري رهيا آهن.
ٻنهي 2018ع ۾ شادي ڪئي هئي، جڏهن ته اداڪار طلاق کان ٻه سال پوءِ 2024ع ۾ ٻي شادي ڪئي، پر عليزا سلطان اڃا تائين ٻي شادي نه ڪئي آهي.
عليزا سلطان فيروز خان تي گهريلو تشدد جا الزام به لڳايا هئا، جڏهن ته ٻنهي جي وچ ۾ ٻارن جي حوالگي ۽ سنڀال بابت ڪيس به گهڻي عرصي تائين عدالتن ۾ هليو ۽ سندن ڪجهه ڪيس اڃا تائين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.