لارڊز ۾ شڪست ڀارتين جا سُتل سور جاڳائي ڇڏيا، ” 1999 ۾ پاڪستان به ائين ڪيو هو“: سوشل ميڊيا تي بحث

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ خلاف 22 رنسن تان شڪست کانپوءِ ڀارتين کي 1999ع ۾ پاڪستان خلاف کيڏيل چنائي ٽيسٽ ياد اچي وئي.
انڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي ٽئين ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن ڀارت انگلينڊ طرفان ڏنل 193 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 58 رنسون چار وڪيٽن جي نقصان تي ٻي اننگز شروع ڪئي، پر پوري ٽيم 170 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڀارت جي طرفان رويندر جاڙيجا مزاحمتي اننگ کيڏي ۽ 61 رنسن جي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪي ايل راهول 39 رنسن سان نمايان رهيو، پر ٻنهي کانسواءِ ڪو به ڀارتي بيٽر انگلش بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
ميچ جي آخري سيشن ۾ ڀارت کي کٽڻ لاءِ 23 رنسون گهربل هيون ۽ ان جي هڪ وڪيٽ باقي هئي، ڀارتي بيٽر محمد سراج، انگلش بالر شعيب بشير جي بال تي آئوٽ ٿي ويو ۽ انگلش ٽيم 22 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.
انگلينڊ طرفان ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ جوفرا آرچر 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، برائيڊن ڪارس 2، شعيب بشير ۽ ڪرس ووڪس هڪ، هڪ شڪار ڪيو.
لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست ڀارتين کي 1999ع ۾ پاڪستان خلاف چنائي ٽيسٽ هار ياد ڏياري ڇڏي.
انگلينڊ خلاف لارڊز ۾ ڀارتي ٽيم جي آخري وڪيٽ محمد سراج جي صورت ۾ بلڪل اهڙي ئي انداز ۾ ڪِري جيئن 1999ع ۾ پاڪستاني اسپنر ثقلين مشتاق ڀارتي فاسٽ بالر سري ناٿ کي آئوٽ ڪيو هو.
ٻنهي بيٽرن اسپنرن کي دفاعي انداز ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڪيٽ وڃائي ويٺا، ان موقعي تي بال بيٽ کي ڇُهڻ کانپوءِ وڪيٽن سان ٽڪرايو ۽ بيٽر بولڊ ٿي ويو.
لارڊز ۽ چنائي ٽيسٽ ۾ ڀارت جي آخري وڪيٽ ڪِرڻ ۾ هڪجهڙائي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
واضح رهي ته ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان کي 1-2 جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.