ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان پنهنجي سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته جماعت جو نالو پاڪستان ريپبلڪ پارٽي آهي، اها جماعت عوام جو آواز بڻجي حڪمرانن جو پيڇو ڪندي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندي.
هن چيو ته مان پاڪستان ۾ اسٽار بڻجڻ نه آئي هيس، پنهنجي پيارن کي وقت ڏيڻ آئي هيس، هتي آيس ته مون کي پاڪستان سان پيار ٿي ويو، 2012 کان وٺي 2025 تائين مان جيڪو پاڪستان ڏٺو آهي ته ان ۾ صاف پاڻي ناهي، اسپتالون ته ڇا پر بيسڪ هيلٿ يونٽ به ناهن.
سندس چوڻ هو ته اڄ اهڙي تحريڪ سان قدم کڻي رهي آهيان، جنهن ۾ پارليامينٽ جا چهرا تبديل ڪري ڏيکارينديس، اسيمبلين ۾ اڄڪلهه 5 خاندان ويٺل آهن.
You might also like