ايم اين اي جمشيد دستيءَ جون ڊگريون جعلي نڪتيون، نااهل قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي رڪن جمشيد دستي جي نااهلي جون ٻئي درخواستون منظور ڪري ورتيون.
اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جمشيد دستي جون تعليمي سندون جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان موڪليل ريفرنس منظور ڪندي جمشيد دستي جي نااهلي بابت ٻئي درخواستون منظور ڪري ورتيون.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن مئي ۾ جمشيد دستي جي اثاثن ۽ تعليمي سندن بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.