مورو (عوامي آواز نيوز) مورو ويجهو ڳوٺ بجراڻي لغاري جي رهواسين پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڳوٺاڻين عورتن ۽ مردن شريڪ ٿي دانهيو ته پوليس بنا جواز سندن نوجوانن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو آهي ۽ ملاقات جي به اجازت نٿي ڏني وڃي. احتجاج ڪندڙ مزمل لغاري جي ماءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ جو گڙدو خراب آهي، ۽ کيس دوائن جي سخت ضرورت آهي، پر پوليس کيس آزاد ڪرڻ بدران ملاقات به نٿي ڪرائي. ساڳي ريت مزمل لغاري جي زال الزام هنيو ته هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ حيدرآباد علاج لاءِ وئي هئي ته واپسي تي مزمل کي پوليس کنيو، هاڻي ان جي ڪا به خبر ناهي. هڪ ٻي عورت چيو ته سندس 60 کان 70 سالن جو پوڙهو والد به ٻه مهينا اڳ پوليس کڻي وئي، ۽ ڳوٺ جا سمورا مرد جيل موڪلي ڇڏيا ويا آهن. عورتن جو چوڻ هو ته هر مرد تي ڪيس آهن، هاڻ گهرن ۾ مرد ئي نه رهيا آهن، ٻار بک تي آهن، ۽ ٻني ٻارا به بيڪار پيا آهن. هڪ پيرسن عورت دانهيندي چيو ته پوليس سندس ٻئي پٽ کنيا آهن، ۽ 12 ڀاتي بک تي آهن،جڏهن ته پوليس سندن لاءِ ڏکيائون وڌائي رهي آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بيگناهه نوجوانن کي فوري آزاد ڪيو وڃي، ۽ پوليس جي ڏاڍاين جو نوٽيس ورتو وڃي.