ڪراچي (رپورٽر) نيب ڪراچي بحريا ٽائون ڪراچي، ملڪ رياض حسين، احمد علي رياض ۽ ٻين جوابدارن خلاف جاري ڪارروائين جي هڪ ڪڙي طور، ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تي واقع اربين رپين ماليت جو بحريا ٽائون ٽاور مني لانڊرنگ جي جاچ جي سلسلي ۾ ضبط ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کان اڳ نيب، قومي احتساب آرڊيننس 1999 جي شق 12 تحت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ 457 جائيدادن کي منجمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري چڪي آهي، جن جي مجموعي ماليت اربين رپين ۾ آهي،مذڪوره جائيداد بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ، ان جي ڊائريڪٽرن، احمد علي رياض ملڪ، ۽ ملڪ رياض حسين جي ويجهن مٽن مائٽن جي نالي تي آهي، نيب اڳ ۾ ئي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ هڪ ريفرنس داخل ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ الزام آهي ته سنڌ حڪومت جي آفيسرن سان ڳٺ جوڙ سان 17,672 ايڪڙ سرڪاري زمين (جنهن جي ماليت 708 ارب رپيا آهي) کي غير قانوني طور منتقل ۽ ناجائز طريقي سان استعمال ڪيو ويو، جنهن تي بحريا ٽائون ڪراچي (M-9 موٽر وي جي ويجهو واقع) تعمير ڪيو ويو، جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي آهي۔ نيب طرفان ملڪ رياض، سندن پٽ احمد علي رياض، سندن مٽن مائٽن ۽ ٻين جوابدارن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (PCL) ۾ به شامل ڪيا ويا آهن۔