”سنڌ ۾ گهڻا وڏا وزير آهن؟“سياسي حلقن جو سوال

اسلام آباد(قربان بلوچ)سنڌ صوبي ۾ عملي طور تي هڪ ڊي فيڪٽو (de facto) وزيراعليٰ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي جي اندروني مورثي سياست ۾ خوني رشتن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.ان صورتحال سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ کانپوءِ جيڪا سياسي بساط پکڙيل آهي، ان مان اهو صاف نظر اچي ٿو ته وزيراعظميٰ  حاصل ڪرڻ جي خواهشمند جماعت، پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪا وڏي فائدي واري پوزيشن حاصل نه ٿي آهي، جيتوڻيڪ ان جي اتحادي جماعتن جون سيٽون وڌي چڪيون آهن، ۽ وڌيڪ به وڌڻ جو امڪان آهي.جيڪڏهن رڳو پارلياماني طاقت جي بنياد تي تجزيو ڪيو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري موجوده صورتحال ۾ وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگھي، نه رڳو اڄ، پر ايندڙ مستقبل ۾ به ان جو امڪان تمام گهٽ آهي. ان جا بنيادي سبب قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي ورڇ ۽ جماعتن جي اندروني حالتن تي ٻڌل آهن.پيپلزپارٽي جي اندروني سياست جي باري ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته  ته ڪيترائي ايم اين ايز پارٽي قيادت کان ناراض آهن،انهن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ پ پ ڪڏهن به ائين ناهي ڦاٿي جيئن هن وقت ڦاٿل آهي،سنڌ ۾ خراب حڪمراني ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جي صورتحال سٺي ناهي،سنڌ جي هڪ سينيئر ايم اين اي شڪايت ڪئي ته ڪراچي ۾ سندس پلاٽ جي ريڪارڊ کي ڪنهن ٻئي نالي منتقل ڪيو ويو ۽ جڏهن صحيح ڪرائڻ ويو ته کيس چيو ويو ته “چانهه پاڻي” ڏيڻ جي ضرورت آهي. جڏهن هو پارٽي وٽ شڪايت کڻي ويو ته کيس کلندي چيو ويو ته "مون کان به حصو گهريو وڃي ٿو”. اهڙي جواب تي هو ايم اين اي شرمسار ٿي ويو ۽ واپس ڪراچي اچي، مسئلو ”حل“ ڪرڻ جو ارادو ڪيو،جڏهن ته سنڌ ۾ اصل وزيراعليٰ بدران عملي طور تي ٻيا ماڻهو حڪمراني ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت جا نمائندا به وزيراعليٰ کي سنجيده نه ٿا وٺن.تقريبن ڇهه-اٺ مهينا اڳ، وزيراعظم هڪ سرڪاري دوري تي ڪراچي آيو هو، جتي هو  هڪ “ڊي فيڪٽو” وزيراعليٰ جي گهر ويو هو،عاشوري جي ڏينهن ۾ به هڪ وفاقي وزير ڪراچي اچي هڪ “ڊي فيڪٽو” وزيراعليٰ سان سنڌ جي سيڪيورٽي،سياست ۽ ايندڙ حالتن تي مشاورت لاءِ ملاقات ڪئي، ان پويان سبب اهو آهي ته پارٽي اندر ئي “وزيراعليٰ” جي حمايت ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، جڏهن ته  هڪ”ڊي فيڪٽو وزيراعليٰ“جي پٺيان وڏا بااثر حلقا بيٺل آهن. اهو ئي سبب آهي جو خاندان اندر شديد ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ 336 ميمبرن مان مسلم ليگ (ن) وٽ 125 سيٽون آهن، پيپلزپارٽي وٽ 75. جيڪڏهن ن ليگ، ايم ڪيو ايم، باپ، ق ليگ، آزاد ميمبر، مسلم ليگ ضياءَ ۽ ٻيا اتحادي گڏ ٿين ته مجموعي سيٽون تقريباً 167-168 ٿين ٿيون، جڏهن ته سادي اڪثريت لاءِ 172 جي ضرورت آهي.جيڪڏهن اهي اتحادي پارٽيون پيپلزپارٽي سان گڏ بيهن به ته مجموعي طور تي 125 کان وڌيڪ سيٽون نه ٿيون ٿين. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بلاول ڀٽو لاءِ وزيراعظميءَ تائين پهچڻ جو رستو گهڻو آسان نه آهي.ان کانسواءِ، جيڪر بلاول وزيراعظم بڻجي به وڃي، ته به هو هڪ “ڪمزور وزيراعظم” هوندو، جيڪو نه اقتدار ۾ مضبوط هوندو، نه ئي مستقبل ۾ ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ جو امڪان وڌي سگهندو.جيڪڏهن 9 مئي ڪيسز جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جا 35-40 ايم اين ايز نااهل ٿين ٿا، يا وفاداري تبديل ڪن ٿا، ته انهن مان به اڪثريت مسلم ليگ (ن) ۾ ويندي، نه ته پيپلزپارٽي ۾. ڇو ته پيپلزپارٽي کي پنجاب مان سيٽون ملڻ جا امڪان تقريباً ناياب آهن.پيپلزپارٽي جي قيادت طرفان نواز ليگ سان اتحاد جي ڪري پارٽي کي ڏکڻ پنجاب ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. پارٽي جي مٿئين قيادت ۾ به اختلاف موجود آهن، چيئرمين ۽ ٻين وڏن اڳواڻن ۾ تعلقات خوشگوار نه آهن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 15 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.