سکر/روهڙي (رپورٽ : آزاد مهر+ عبدالغفار ڇڄڻ) برساتن سبب سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌي ويا. تونسا کان گڊو تائين وچولي درجي ۽ سکر وٽ هيٺين درجي جو چاڙهه قرار ڏنو ويو آهي. سکر ۽ گڊو جي ڪچي ۾ پاڻي پھچي ويو. گڊو بئراج تي گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي سطح ۾ 2 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ جي واڌ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي، جتي مٿاهون وهڪرو 3 لک 55 ھزار283 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 3 لک15ھزار 558ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو2 لک 78ھزار500 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2لک 25ھزار260 ڪيوسڪ جڏهن ته تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ھيٺيون وهڪرو 4 لک 26 ھزار400 ڪيوسڪ آهي .جيترو پاڻي پاڻي اچي پيو اوتروئي پاڻي سنڌ جي گڊو بئراج ڏانهن ڇڏيو ويو آهي. ڪچي جي جن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي چڪو آهي تن ۾ سڌوجا، واحد پوٽو، وهاب ٻيلا، ڦنواري، شاهه ٻيلو، ڪيٽي آباد، ڪيٽي شاهو، ڪلر، باگڙجي، ڪيٽي باگڙجي، رونٽي فاريسٽ، سندراڻي فاريسٽ ۽ اولڊ گگھلو فاريسٽ سميت درجنين ڳوٺ شامل آهن، ڪچي ۾ پوکيل فصل ٻڏي ويا آهن. مقامي ماڻهن حڪومت ڪچي ۾ امدادي ڪم شروع ڪندي ٻيڙين ذريعي اتان جي ماڻھن کي ڪڍڻ شروع ڪري ڏنو آھي. تربيلا ڊيم جي مسلسل ڀرجڻ ڪري ان جي پانڊ ليول خطري طرف وڌي رهي آهي.مليل انگن اکرن موجب تربيلا جي ليول 1527.0فوٽن تي پھچي وئي آهي۽ ڊيم ڀرجڻ کان 23 فوٽ رھجي ويو آهي، ترتيب وار مٿانهين وھڪري ۾ 2 لک13ھزار700 ڪيوسڪ، ھيٺيون وھڪرو 1 لک 74 ھزار 900 ڪيوسڪ آهي ڪالاباغ بئراج مٿانهون وهڪرو 235594ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 227594ڪيوسڪ،چشما وٽ مٿانهون وھڪرو 283334 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 215000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويوآهي.