شگر ملز مافيا کنڊ جو بحران وڌائڻ بعد ايڪس مل قيمت 25 رپيا وڌرائي ڇڏي!

ڪراچي/ اسلام آباد(رپورٽر / م ڊ) کنڊ جو هٿراڌو بحران وڌائڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي شگر ملز مالڪ جمعي کان وٺي ڪراچي جي بازارن ۾ کنڊ جي فراهمي روڪي ڇڏي، جنهن سبب کنڊ جو بحران ۽ قيمت وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، هول سيل گروسز ايسوسيئيشن جي چئيرمين رئوف ابراهيم موجب ملن کان گذريل 4 ڏينهن کان سپلاءِ بند هجڻ سبب ڪراچي ۾ رڳو ذخيرو ٿيل کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن ڪري في ڪلوگرام کنڊ جي هول سيل قيمت 178 کان 180 رپيا وڌي 182 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پرچون قيمت 190 کان 195 رپيا وڌي 200 رپيا تائين پهچي وئي آهي، ٻي پاسي کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب شوگر مل مالڪن جي ملي ڀڳت کي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماضي کان وٺي اڄ تائين مضبوط مافيا حڪومت تي اضافي اسٽاڪ جي نالي تي کنڊ جي برآمد تي زور ڀريندي رهي آهي، دستاويز موجب 2021 تائين شوگر ملون حڪومت کان 4 ارب 12 ڪروڙ رپين جي سبسڊي حاصل ڪري چڪيون آهن، مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌائي اربين رپين جو نفعو ڪمائي چڪيون آهن، هوڏانهن حڪومت ۽ شوگر انڊسٽري وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، وزارت خوراڪ تحفظ جو چوڻ آهي ته سڀئي صوبائي حڪومتون هن فيصلي جي روشني ۾ عوام کي سستي کنڊ جي دستيابي يقيني بڻائينديون، واضح رهي ته 11 جولاءِ تي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا 52 پئسا واڌ ٿي هئي، ياد رهي ته درآمد جي اجازت باوجود به کنڊ جي ايڪس مل قيمت اڳ کان وڌيڪ مقرر ڪئي وئي آهي، برآمد جي اجازت وقت مقرر قيمت جي مقابلي ۾ ايڪس مل قيمت ۾ 25 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، هن سال مارچ ۾ حڪومت طرفان اعلان ڪيل قيمت جي مقابلي ۾ ايڪس مل قيمت ۾ 6 رپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت گذريل سال جون ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 140 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي هئي، هن سال مارچ ۾ حڪومت کنڊ جي ايڪس مل قيمت 159 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي هئي، هاڻ حڪومت شوگر ملن سان گڏجي کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت گذريل هفتي 5 لک ميٽرڪ ٽن تائين کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، حڪومت گذريل سال جون کان آڪٽوبر 2024 تائين ساڍا 7 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، ان سلسلي ۾ خوراڪ واري وزارت جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ کنڊ جي درآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بهرحال کنڊ جي درآمد جي منظوري باوجود ذخيره اندوزي سبب قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.