جاڙيجا جي مزاحمتي اننگز لڙهي وئي، لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان ڀارت کي شڪست

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ لارڊز ٽيسٽ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
انڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي ٽئين ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن ڀارت انگلينڊ طرفان ڏنل 193 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 58 رنسون چار وڪيٽن جي نقصان تي ٻي اننگز شروع ڪئي، پر پوري ٽيم 170 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڀارت جي طرفان رويندر جاڙيجا مزاحمتي اننگز کيڏي ۽ 61 رنسن جي ناٽ آئوٽ رهيو ، جڏهن ته ڪي ايل راهول 39 رنسن سان نمايان رهيو، پر ٻنهي کانسواءِ ڪو به ڀارتي بيٽر انگلش بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
انگلينڊ طرفان ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ جوفرا آرچر 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، برائيڊن ڪارس 2، شعيب بشير ۽ ڪرس ووڪس هڪ، هڪ شڪار ڪيو.
ياد رهي ته ميچ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ 387 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ ڀارت به 387 تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. انڪري ٻنهي ٽيمن کي ڪا به سرسي حاصل نه ٿي.
چوٿين ڏينهن انگلينڊ ٻي اننگز ۾ 192 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 193 رنسن جو هدف مليو، جيڪو هو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.