ايپل جي نون فونن بابت اهم ڄاڻ ليڪ

ايپل هن سال آءِ فون 17 سيريز متعارف ڪرائڻ وارو آهي ۽ نوان آءِ فون 9 يا 10 سيپٽمبر تي هڪ ايونٽ دوران پيش ڪيا ويندا.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، آءِ فون 17 سيريز ۾ 7 ماڊلز شامل هوندا، جن ۾ آءِ فون 17، آءِ فون 17 ايئر، آءِ فون 17 پرو ۽ آءِ فون 17 پرو ميڪس شامل آهن.
آءِ فون 17 سيريز ۾ پوئين ڪئميرا ڊيزائن ۾ وڏي تبديلي ٿيندي، 2020ع کانپوءِ آءِ فونز جي ڪئميرا ڊيزائن ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي، پر هاڻ اسڪوائر ڪئميرا سيٽ اپ ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي پل طرز جو نئون ڊيزائن اختيار ڪيو ويندو، جيڪا گوگل پڪسل فون جيان هوندي.
ان کانسواءِ آڏو واري ڪئميرا جي ڊائنامڪ آءِ لينڊ ڊيزائن ۾ به تبديليون متوقع آهن، جڏهن ته وڌيڪ تيز ميگ سيف چارجنگ ۽ نئين اَي19 چِپ پڻ فونن جو حصو هونديون.
آءِ فون 17 ايئر هن ڀيري ايپل جو سڀ کان سنهي فون هوندي، جيڪا آءِ فون 16 پلس جي جاءِ والاريندي، ان جي پوئين پاسي هڪ ئي ڪئيمرا هوندي، جيڪا امڪاني طور 48 ميگا پڪسل هوندي.
فون جي ڊيزائن ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائيندي، جڏهن ته فيچرز جي لحاظ کان اِها اسٽينڊرڊ ماڊل کان خاص نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.