تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ايران ۽ عراق زائرين کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اهو فيصلو تهران ۾ ٽي ملڪي گهرو وزيرن جي ڪانفرنس دوران ڪيو ويو، جتي ٽنهي ملڪن زائرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ سال جنوري کان پاڪستاني زائرين انفرادي طور تي عراق جو سفر نه ڪري سگهندا، ان مقصد لاءِ گروپ آرگنائيزر جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو غير قانوني طور عراق ۽ ايران ويندڙن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
هن چيو ته آرگنائيزر زائرين جي واپسي جا به ذميوار هوندا ۽ ان نئين نظام تي ايران ۽ عراق ٻنهي جي مڪمل حمايت حاصل آهي.
محسن نقوي ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ايراني ۽ عراقي حڪومتن طرفان پاڪستاني زائرين جي تحفظ تي ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر فورم تي ايران جي حق ۾ آواز اٿاريو، جنگ دوران پاڪستاني عوامي به ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستان ۽ ايران ڀائر هئا، آهن ۽ رهندا.
Prev Post
You might also like