حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات سبب هيٺان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، ڄامشوري، مٽياري ۽ هالا ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن وسيو، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا.
ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ٻڌايو ته حيدرآباد شهر ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيو آهي، الرٽ جاري ڪيو آهي، ڦليلي ڪينال ۾ پاڻي جي سطح زيرو ڪرڻ لاءِ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي.
حيسڪو ترجمان موجب حيدرآباد ريجن ۾ 220 فيڊر ٽرپ ڪري ويا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد شهر ۾ 53 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like