ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو آهي ته صوبي ۾ 100 يونٽ تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون.
پنهنجي بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته ان منصوبي جو بنياد سيپرا جي قيام سان رکيو ويو آهي، سيپرا تحت جيڪا بجلي سنڌ حڪومت پيدا ڪندي، ان جو ٽيرف اسان مقرر ڪنداسين، اهو عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پهريون قدم آهي.
هن چيو ته عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ سولر پارڪ لڳائينداسين، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي سنڌ حڪومت جي سولر پارڪ مان بجلي فراهم ٿي رهي آهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سولر پارڪس مان سيپڪو کي بجلي فراهم ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سيپڪو ۽ حيسڪو بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جا ماڻهو شامل آهن پر ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جو نمائندو شامل ناهي.
You might also like