نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه چيو آهي ته آپريشن سندور ۾ براهموس ميزائل شاندار ڪردار ادا ڪيو، جنهن کانپوءِ 14، 15 ملڪن ان ميزائلن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب راج ناٿ سنگهه آچر ڏينهن لکنئو ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته براهموس ميزائل لکنئو ۾ تيار ڪيا ويندا، براهموس جي پلانٽ سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.
واضح رهي ته براهموس ڀارت ۽ روس جو گڏيل طور تي تيار ڪيل ميزائل آهي، اهو هڪ لانگ رينج ميزائل آهي.
آپريشن سندور ڀارت طرفان پاڪستان خلاف ڪيل ان ڪارروائي جو نالو آهي، جيڪا ان پهلگام ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ ڪئي هئي.
آپريشن سندور ۾ شاندار ڪاميابي کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن براهموس ميزائل گهريا: ڀارتي وزير
You might also like