اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ کانپوءِ هاڻ جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ به پاڪستان جي شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان جي جونيئر هاڪي ٽيم کي به ڀارت وڃڻ جي اجازت نه ملندي، جتي نومبر ۽ ڊسمبر ۾ جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ شيڊيول آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ لاءِ اجازت نه ملڻ بابت پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو، هاڻ جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ جي حوالي سان پڻ پي ايڇ ايف اطلاع ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، حڪومت پي ايڇ ايف کي واضح طور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان جي ڪا به ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي، جڏهن ته پي ايڇ ايف جلد ان حوالي سان باضابطا اعلان ڪندي.
ياد رهي ته انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن (ايف آءِ ايچ) جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ جو شيڊيول اڳ ئي جاري ڪري چڪي آهي، ٽورنامينٽ 28 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين ڀارت ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون جونيئر ٽيمون گروپ بي جو حصو آهن.
You might also like