سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي 31 ورهين جي اداڪارا ڪانگ سيوها معدي جي ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪارا جي لاڏاڻي جي تصديق سندس ويجهي مائٽ سوشل ميڊيا تي ڪئي، جتي هن سندس زندگي جي آخري پلن ۽ فني قربانين جو ذڪر ڪيو.
رپورٽن موجب، ڪانگ سيوها ڪيترن ئي سالن کان معدي جي ڪينسر سان جهيڙي رهي هئي.
ادڪارا جي آخري رسمن 16 جولاءِ تي ادا ڪيون وينديون، ۽ کيس هامان، گيئونگنام صوبي ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
ڪانگ سيوها جي لاڏاڻي تي سندس مداحن ۽ ڪوريا جي شوبز انڊسٽري گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارا 2012ع ۾ ميوزڪ وڊيو ”گيٽنگ فادر اوي“ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي هئي.
ان کانسواءِ هن ڊرامن ”هارٽ“ ۽ ” فرسٽ لو اگين“ سميت ٻين ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي.
سندس آخري فلم ”Mangnaein“هئي، جيڪا سندس وفات کان اڳ مڪمل ڪئي وئي هئي، فلم جي رليز بعد مداح کيس آخري ڀيرو پردي تي ڏسي سگهندا.
You might also like