اسلام آباد (ويب ڊيسڪر) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته سعودي عرب عورت حاجين لاءِ محرم جي شرط ختم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هن سال به حج جا خرچ قسطن ۾ وٺڻ تي غور ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عامر ڊوگر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسُف ڪميٽي کي 2025ع جي حج بابت آگاهي ڏني.
سردار يوسف موجب، 2025ع وارو حج ڪامياب رهيو، سعودي حڪومت پهريون ڀيرو پاڪستان کي ”ايڪسيلنس ايوارڊ“ ڏنو، حاجين طرفان به بهترين فيڊ بيڪ مليو.
هن ٻڌايو ته عرفات سميت شعائر ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ خيما ۽ جديد سهولتون مهيا ڪيون ويون، جنهن سان ڪنهن به حاجي کي ڪا شڪايت نه ٿي، ۽ ٿي به ته اُتي ئي حل ڪئي ويئي.
وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪمن تي حج جا انتظام سعودي هدايتن جي روشني ۾ ڪيا پيا وڃن، نئين حج پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي ۽ ميمبر پنهنجي تجويزون ڏئي سگهن ٿا.
ان موقعي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عامر ڊوگر چيو ته هن ڀيري جو حج مثالي رهيو، انتظامن تي وزير ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جي حقدار آهي، اسان چاهيون ٿا ته 2026ع جو حج به بهترين هجي.
سردار يوسف موجب 67 هزار پرائيويٽ حاجي رهجي ويا ۽ پوءِ 10 هزار جي اجازت ملي، اٽڪل 63 هزار حاجي هن ڀيري حج تي نه وڃي سگهيا.
”روڊ ٽو مڪا“ سهولتون ڪراچي ۽ اسلام آباد لاءِ هيون، جنهن لاءِ سعودي عملو مقرر ڪيو ويو هو، ايندڙ سال اها سهولت لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اجلاس دوران اسٽينڊنگ چيئرمين پڇيو ته عورتن جي اڪيلي حج لاءِ ڪا تجويز آهي؟ سردار يوسف تصديق ڪئي ته سعودي عرب عورت حاجين لاءِ محرم جي شرط ختم ڪري ڇڏي آهي، ان سان گڏ هن ٻڌايو ته حج جي خرچن کي قسطن ۾ ادا ڪرڻ تي به غور پيو ٿئي.
You might also like