لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اُڀرندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر حسيب الله خان پاڪستان ڇڏڻ ۽ انگلينڊ منتقل ٿيڻ وارين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
حسيب الله بابت تازو سوشل ميڊيا تي خبرون سامهون آيون هيون ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ مستقبل جي حوالي سان انگلينڊ شفٽ ٿي ويو آهي.
پر هاڻ نوجوان ڪرڪيٽر انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ اسٽوري ۾ اهڙي قسم جي رپورٽن ۽ دعوائن کي بي بنياد قرار ڏنو.
هن لکيو ”مان توهان سڀني کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته مان پنهنجي ڊوميسٽڪ ڪائونٽي ڪانٽريڪٽ ۽ ٻين ذميوارين جي سلسلي ۾ انگلينڊ آيو آهيان“
هن چيو ته ” مان پوري ايمانداري ۽ جذبي سان پنهنجي ملڪ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيان.“
قومي ڪرڪيٽر مداحن کي اپيل ڪئي ته هو ڪنهن به قسم جي افواهن تي يقين نه ڪن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ”منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته غلط خبرن ۽ افواهن تي ڌيان نه ڏيو، پاڪستان زنده باد.“
واضح رهي ته ان کان اڳ فيسبُڪ تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي حسيب الله انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) جي ايجنٽن سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ انگلينڊ ۾ سندس ڪرڪيٽ مستقبل بابت ڳالهيون ٿيون.
ياد رهي ته حسيب الله ٽي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ 12 جي ايوريج سان 36 رنسون ٺاهيون آهن.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو حصو هو، پر کيس رڳو هڪ ميچ کيڏائي وئي هئي جنهن ۾ هن ست رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like