سوين ارب رپين جي بجيٽ باوجود سنڌ ۾ امن تباهه آهي:رياض چانڊيو

نئون ڪوٽ (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته انساني ترقي ۽ با وقار زندگي گذارڻ لاءَ کربين روپين جا قدرتي ۽ مالي وسيلا آھن پوءِ به سنڌ ۾ بک آھي پنج سئو ارب روپين کان مٿي امن امان جي نالي تي  پوليس ۽ رينجرز تي خرچ ٿي رهيا آھن،پوءِ به سنڌ ۾ امن برباد آھي سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيل ۽ ڏوهاري سنڌ جي ماڻھن لاءِ  عذاب بڻيل آھن سنڌ ۾ صحت گهرن جون بلڊنگون ته موجود آھن پر عوام لاء ڪي به صحت جو سهولتون ناهن سنڌ ۾ تعليم تباھ آھي پنجاب ۾ بهتر تعليم آھي ڪي پي ڪي ۾ بهتر تعليم آھي پر سنڌ ۾ تعليم اڻ لڀ آھي اهڙي خيالن جو اظھار هن 19 جولاءِ تي ميرپورخاص ۾ رٿيل ريلي جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾  نئو ڪوٽ ۽ ستون ميل ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته ٿر مان ڪوئل تي بجلي ٺھي ٿي پر ٿر جا ماڻھو بجلي نٿا ٻاري سگهن ان موقعي تي غفارميرجت، اياز سولنگي، سلطان دل، الاهي بخش چاچڙ، ممتاز آريسر، اياز سولنگي پڻ خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.