حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌين، بلوچن، سرائيڪين، پشتونن کان پنهنجي ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. بورڊ آف انويسٽيمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع، ايس آءِ ايف سي، 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ جهڙن ڪارن قانونن خلاف ملڪ جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي. مورو لڳ ڳوٺ بجاراڻي لغاري جي عورت فضيلا لغاري ۽ سندس معصوم نياڻي ابهم جي خودڪشي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي عوام دشمن پاليسين سبب سنڌ جون نياڻيون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سمورن ادارن کي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي. ان جو ئي سبب آهي جو لياري ۾ بلڊنگ ڪرڻ وارو لڱ ڪانڊاريندڙ ڀيانڪ واقعو ٿيو آهي. ڪجهه ماڻهن جي معطلي سان بي گناهه فوت ٿيل ماڻهن جي خون سان انصاف نٿو ٿي سگهي. سڄي سنڌ خاص ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، عمره سمون، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، علي محمد پرويز، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر، غلام مصطفيٰ چانڊيو، نويد عباس ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، خالق گندھرو، فاضل کوسو، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، پرهه سومرو، مير پرويز دائودپوٽو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ڄام تماچي، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، نور نبي پليجو، ايڊووڪيٽ خالد حسين تنيو، علي محمد ڪلمتي، عبدالرحمٰن سمون، حسين سومرو، منصور ٻپڙ، آصف کوسو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.