ڪراچي (رپورٽ:مدثر نظر سنگراسي) ڪراچيءَ جي عوام لاءِ نيون نمبر پليٽون رڳو قانوني گهرج نه، پر استحصال جو ذريعو بڻجي ويون آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ پوليس جي سختي، اجايا چالان، ۽ ماڻهن جي تذليل تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي، نمبر پليٽ جي نالي تي گاڏيون خاص طور تي موٽرسائيڪلون بند ڪيون پيون وڃن، ماڻهن کي روڪي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نئون نظام مڪمل طور تي شفاف نه آهي،سيف سٽي جي غرض سان ايڪسائز کاتو شهر ۾ گهمندڙ لکين موٽرسائيڪل سوارن ۽ گاڏي مالڪن کي گهرج موجب اجرڪ نمبر واريون نمبر پليٽون فراهم نه پيو ڪري سگهي، ايڪسائز آفيس ۾ شهرين جون قطارون لڳل آهن پر اجرڪ واري نمبر پليٽ اڃا به شهرين جي پهچ کان پري آهي، نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي اجرڪ واري نمبر پليٽ تي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ ۽ ڳرا چالان ڪٽڻ واري اشو تي ڪراچي ۾ لساني طور تعصب اڀرڻ جو تاثر وڌي رهيو آهي،سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين وچ ۾ وري ويڇا پيدا ڪيا پيا وڃن،اجرڪ جو نشان ثقافتي فخر آهي، ان کي نئون تڪرار نه بڻايو وڃي. پر نمبر پليٽس جي اوٽ ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ پوليس جي نظام جي ناڪامي عوامي بيزاري جو وڏو سبب آهي. مسئلو اجرڪ نه پر معاشي استحصال آهي. ٽريفڪ پوليس عام ماڻهن جي عزت نفس کي پائمال ڪري رهي آهي، روزانو لکين رپين جي اوڳاڙي ٿيندي آهي پر ان جو ڪو حساب ناهي. مسئلي جو حل رڳو نمبر پليٽ يا ثقافتي نشانن ۾ نه، پر ٽريفڪ پوليس جي سڌاري، جزا ۽ سزا جي نظام ۽ شفافيت ۾ آهي جڏهن ته وڏين گاڏين،ويگو ڊالن کان ڪو پڇاڻو ئي ناهي،اهي فينسي نمبر پليٽون هلائي گهمي رهيا آهن خاص طور تي ڊفينس،ڪلفٽن،گذري،بحريا ٽائون جهڙن پوش علائقن ۾ ته اهي بااثر چالان ته پري جي ڳالهه پڇاڻي کان ئي آجا آهن،ٻئي پاسي ڪراچي واسين جو موقف آهي ته اسان روزگار لاءِ نڪرون ٿا،پوليس جي رشوت،ڏنڊن ۽ تذليل کي منهن ڏئي رهيا آهيون،ڇا اها شهر دشمني ناهي، بائيڪ وارا دهشت گرد ناهن،پورهيت آهن، شهرين سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيوآهي ته اجرڪ واري نمبر پليٽ ته اسان لڳائي ڇڏي آهي پر شهر جي روڊن جي حالت موهن جي دڙو واري آهي،ٽريفڪ جو ڪو به نظام ناهي،اسان جي آمدني صوماليه جيتري آهي،قانون آمريڪا جهڙو لڳو پيو آهي،اسان کي نمبر پليٽ جي نه جيئڻ جي حق جي ضرورت آهي،هنن چيو ته نمبر پليٽن لاءِ 6 مهينا بعد جي تاريخون ملي رهيون آهن،شهري ايجنٽن ڏانهن واجهائي رهيا آهن،عمير صديقي نالي صارف لکيو ته جبري نمبر پليٽ اسڪيم سان نه ٽريفڪ بهتر ٿي نه چوري رڪجي،رڳو ڪرپشن وڌي آهي،هڪ ٻئي صارف صائما عطا چيو ته ڪراچي مان ٽريفڪ چالان 9.2 ارب رپين جا ٿيا،اندرين سنڌ مان ڪيتري اوڳاڙي ٿي؟منصور احمد شيخ چيو ته پهرين ايم ڪيو ايم جي سرپرستي ڪري ۽ هاڻي 17 سالن کان پ پ کي مڙهي اسٽيبلشمينٽ ڪراچي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي
جماعت اسلامي پاران نمبر پليٽ تبديلي خلاف موٽرسائيڪل ريلي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي اڳواڻ منعم ظفر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي انفراسٽڪچر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي،هن چيو ته جهانگير روڊ 4 ڀيرا ٺاهي وئي آهي پر ڪريم آباد انڊر پاس کي نٿو ٺاهيو وڃي، پاڻي ، بجلي ۽ روڊن جو مطالبو ڪيون ٿا ته هي نمبر پليٽ ڏئي ٿا ڇڏين، نمبر پليٽن جي نالي تي ظلم بند نه ڪيو ويو ته پوليس جي چوڪين جو گهيراءُ ڪنداسين، نمبر پليٽ جي نالي تي ڪرپشن جي ڪاروبار کي جلد کان جلد بند ڪيو وڃي.
آفاق احمد سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ڪراچي (م ڊ) مهاجر قومي موومينٽ جي سربراهه آفاق احمد سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته نمبر پليٽ ورهائڻ واري معاملي کي توڙ تائين پهچائينداسين، حڪومت عوام کان نمبر پليٽ جي فيس نه اوڳاڙي، نيوز ڪانفرنس ۾ چيائين ته ڪراچي جي نوجوانن کي پروفيشنل تعليم کان روڪيو ويو آهي. آفاق احمد جو چوڻ هو ته اوهان شهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڀيرو نمبر پليٽ جي قيمت ڏئي ڇڏي جيڪا تاحيات هوندي آهي ته ٻيهر 1850 رپيا ڇو اوڳاڙيا پيا وڃن؟ ناانصافين تي ماڻهو ڪاوڙ ۾ آهن. 1972ع ۾ ممتاز ڀٽي جي غلطي سان جيڪا وٿي پئي هئي، سنڌ ۽ ٻهراڙي ڌار ٿي ويا هئا، اجرڪ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جي ورهاڱي کي انجام تائين پهچائيندو، تعليم ۾ سنڌ حڪومت ٺيڪي نظام ڏئي ڪرپٽ آفيسرن کي پاليسي ڏني ته شاگردن جا نتيجا خراب ڪن.
نئين نمبر پليٽ اسڪيم تي بي بنياد واويلا ٿئي پئي:سنڌ سرڪار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ وٽ ڪافي وسيلا آهن. وفاقي حڪومت پاران اختيار ڪيل پاليسين جي ڪري صوبي جي توانائي شعبي جي ترقي سخت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت ٿر جي مستحق رهواسين لاءِ 200 يونٽن تائين بجلي جا بل پڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ ٻه نوان سولر پارڪ ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، گڊو ۽ سکر بئراجن تي گهٽ سطح جي ٻوڏ جون رپورٽون آهن. سنڌ آبپاشي کاتو ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سڀني بئراجن، بندن ۽ حساس علائقن جي ويجهڙائي سان نگراني ڪري رهيا آهن. هن اهو به چيو ته نئين گاڏين جي نمبر پليٽ اسڪيم تي بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هي اسڪيم رجسٽريشن جي عمل کي جديد بڻائڻ، ڏوهن کي روڪڻ ۽ گاڏين جي چوري جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ ڪرپشن جي صنعت ترقي ڪري رهي آهي: خالد مقبول
ڪراچي( رپورٽر) متحده قومي موومينٽ ڪراچي ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين. جن ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو آهي، انهن لاءِ هي فيصلا ڪيئن فائديمند ٿي سگهن ٿا؟ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪير اصل ۾ نشانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي صوبي ۾ ڪرپشن جي انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ان جا معيار به بدلجي ويا آهن. اسان عدالتن ۾ وڃڻ جو سوچي رهيا آهيون، شهر جي ماڻهن جي حقن لاءِ عدالتي جنگ وڙهنداسين. الميو آهي ته متاثرن جي مدد لاءِ به اين او سي وٺڻي پوي ٿي. ڪراچي وارن کان سندن تعليم جو حق کسيو ويو. هاڻ ڪوٽا سسٽم تحت ڪجهه نه هلندو. اڄ جي دور ۾ تعليم تڏهن مڪمل سمجهي وڃي ٿي، جڏهن ماڻهو وٽ ڪو هُنر به هجي. دنيا جون 100 وڏيون يونيورسٽيون هاڻ ڊگري جي شرط کي ختم ڪري رهيون آهن. ايندڙ 100 سالن ۾ دنيا تمام گهڻي تبديل ٿي ويندي، ڇو ته هٿرادو ذهانت (AI) دنيا کي تيزي سان بدلائي رهيو آهي.
ايم ڪيو ايم پاران نمبر پليٽن جي ٻيهر رجسٽريشن فيس وصولي تي اعتراض
ڪراچي(رپورٽر) شهر ۾ موٽر سائيڪل ۽ گاڏين جي نمبر پليٽن بابت ايم ڪيو ايم ٻيهر رجسٽريشن فيس جي وصولي تي اعتراض ڪيو آهي. تفصيلن موجب ايم ڪيو ايم جي مرڪزي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته شهرين کان رجسٽريشن وقت اڳ ئي اها فيس وصول ڪئي وئي آهي، هاڻ ٻيهر ان ئي مد ۾ رقم وٺڻ عوام سان زيادتي آهي. نمبر پليٽن جي حصول ۾ مشڪلاتن ۽ ٽريفڪ پوليس پاران شهرين تي ڳرن چالانن جي پس منظر ۾، ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جو وفد جلد صوبائي وزير ايڪسائيز سان ملاقات ڪندو. مرڪزي ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي وزير سان ملاقات ڪري، ان مسئلي تي ڳالهيون ڪن ۽ عوامي سهولتن بابت پنهنجي سفارشون پيش ڪن. مرڪزي ڪميٽي چيو آهي ته وزير سان ملاقات دوران موٽر سائيڪل ۽ گاڏين جي نمبر پليٽن جي فراهمي، ٽريفڪ پوليس جي بيجا ڪاررواين ۽ ايڪسايز کاتي جي سست روي بابت عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي. ڪميٽي موجب، شهرِ قائد ۾ 33 لک کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ 23 لک ٻيون گاڏيون رجسٽرڊ آهن، جن جا مالڪ آن لائين درخواست ڏيڻ باوجود وقت تي نمبر پليٽ حاصل نه ڪري سگهن پيا، نه ئي لاڳاپيل کاتو شڪايتن جو بروقت ازالو ڪري رهيو آهي،