لاڙڪاڻي ۾ ڏاڍائي جو شڪار معذور نينگري فوت، پوليس پاران مک جوابدار مارڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي  رتوديرو ۾ مبينا طور اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل 15 ورهين جي ذهني معذور نينگري لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر جي آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي جنهن جولاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ دعا ابڙو واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار کي مقابلي ۾ ماري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چيو آهي ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل رضوان عرف ڪالو لهر مارجي ويو جنهن کان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپو هنيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، هڪ جوابدار پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ سندس ساٿي جوابدار فرار ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.