ٻي عالمي جنگ ۾ وڏن يورپي ملڪن کي سخت نقصان پهتو، جنهن ڪري اهي ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ پنهنجون ڪالونيون برقرار نه رکي سگهيا ۽ قومي آزادي جي تحريڪن جي مقابلي ۾ پوئتي هٽڻ لڳا. جيتوڻيڪ سوويت يونين ٻي عالمي جنگ اتحادي قوتن سان گڏجي ڪري محوري طاقتن کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،پر اھو دوستاڻو سھڪار گهڻو وقت قائم نه رهي سگھيو.ڇاڪاڻ ته سوويت يونين آزادي جي تحريڪن جي زبردست حمايت شروع ڪري ڇڏي، جنهن سان آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي. ان وقت، سوويت يونين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادي سان مقابلي ڪرڻ جھڙو نھ ھو ۽ فوجي اعتبار سان اولھھ لاءِ ڪو وڏو خطرو نه بڻيو ھو. تنهن ڪري سرد جنگ ۾ پڻ وڌيڪ شديد پيدا نه ٿي.
بهرحال 5 آڪٽوبر 1957 تي، سوويت يونين اوچتو دنيا جو پهريون سيٽلائيٽ، اسپوتنڪ 1، زمين جي مدار ۾ موڪلي ڇڏيو، جنهن آمريڪا ۽ يورپ کي حيرت ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري وڌو. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ سوويت يونين جي اھڙي غير معمولي ڪاميابي کان پوءِ آمريڪا پهريون ڀيرو عالمي سطح تي ان کي فوجي، سياسي ۽ اقتصادي طور تي پاڻ لاءِ هڪ حقيقي خطرو سمجهڻ شروع ڪيو.
ٻنهي ملڪن ۾ خلائي ڊوڙ شروع ٿي. جنون جي حد تائين پهتل مقابلي جي ڪري، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ ترقي جو عمل ڪافي تيز ٿي ويو، جنهن بعد ۾ ٽيڪنالوجي جي ان حيرت ۾ وجھندڙ انقلاب کي جنم ڏنو جيڪو 21 صدي جي شروعات کان پوري دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي چڪو آهي. ان انقلاب عالمي ڏکڻ جي غريب ملڪن ۾ معاشي ترقي جا عجيب معجزا آندا ۽ دنيا ۾ اڀرندڙ معيشتن جو تعداد تيزي سان وڌڻ لڳو.
معاشي طور تي اڀرندڙ انھن ملڪن سرد جنگ جي دور جي ٻھ قطبي دنيا جي تلخ تجربي مان گذري چڪا آهن، تنهن ڪري اهي موجوده دور جي ٻن عظيم معاشي ۽ فوجي طاقتن، آمريڪا ۽ چين مان ڪنهن جو پيادو بڻجڻ نٿا چاهين. اهي ڄاڻن ٿا ته هاڻي اهي پاڻ ترقي يافته ملڪن جي ضرورت بڻجي چڪا آهن. اهو ئي سبب آهي ته چين ۽ روس برڪس جا اهم ۽ باني رڪن آهن، پر انهن وٽ هن تنظيم ۾ ويٽو جو اختيار ناهي. اهي ٻئي طاقتور ملڪ ڄاڻن ٿا ته عالمي سياسي ۽ معاشي نظام جي گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي جنهن تي سرد جنگ کان پوءِ آمريڪا جو غلبو هو ۽ جيڪو توانائي لاءِ تيل ۽ گئس جهڙن مهانگي قدرتي ٻارڻن تي ڀاڙيندو ھو. هاڻي تمام سستي ۽ ماحول دوست متبادل توانائي تيزي سان ان جي جاءِ وٺي رهي آهي. انهي ڪري برڪس ۾ شامل ملڪ تيزي سان شمسي توانائي جي پيداوار ۽ استعمال ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. چين 1 ٽيراوٽ (ٽي ٽي) شمسي توانائي پيدا ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هندستان 119 گيگا واٽ (جي ڊبليو) پيدا ڪري عالمي درجا بندي ۾ چوٿين نمبر تي پهچي ويو آهي. قابل تجديد صاف توانائي جي مکيه ذريعن ۾ سولر، ونڊ، هائيڊرو، جيوٿرمل ۽ بايوماس شامل آهن. يورپي يونين کان پوءِ برڪس جا ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل تجديد توانائي پيدا ڪن ٿا. برازيل پنهنجي ڪل توانائي جي ضرورتن جو 80 سيڪڙو ۽ ايٿوپيا انهن مان 100 سيڪڙو پورو ڪري ٿو. اهي ملڪ هاڻي برڪس جي صورت ۾ اولھھ پاران دنيا تي 80 سالن کان لاڳو ڪيل اڻ برابري واري عالمي معاشي نظام جو متبادل نظام ٺاهڻ چاهين ٿا، جنهن تي نه ته ڪنهن هڪ ملڪ جو غلبو هجي ۽ نه ئي ان کي واپار ۽ معاشي پابندين لاءِ استعمال ڪري سگهجي.
مٿين حقيقتن جي پس منظر ۾ برازيل جي گادي واري هنڌ ريو ڊي جينيرو ۾ منعقد ٿيندڙ 17 هين برڪس سربراهي اجلاس غير معمولي اهميت جو حامل هو. برڪس هڪ نئين عالمي نظام جي قيام ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو ويهن صدي جي زوال پذير عالمي معاشي، واپاري ۽ سياسي نظام مان اڀري رهيو آهي. هن بين الاقوامي تنظيم جي ڏهه مڪمل ميمبرن ۾ برازيل، روس، هندستان، چين، ڏکڻ آفريڪا، گڏيل عرب امارات، مصر، ايران، ايٿوپيا ۽ انڊونيشيا شامل آهن. تنظيم جي ڏهه پارٽنر ملڪن ۾ ڪيوبا، بيلاروس، ملائيشيا، قازقستان، نائيجيريا، ٿائيلينڊ، يوگنڊا، ويٽنام ۽ ازبڪستان شامل آهن، جڏهن ته الجيريا ۽ ترڪي کي مبصر پارٽنر ملڪن جو درجو ڏنو ويو آهي.
عالمي جي ڊي پي ۾ دنيقا جي ترقي يافتھ ترين ستن ملڪن (جي -7) جي 30 سيلڙو جي مقابلي ۾ برڪس ملڪن جو حصو 44 سيڪڙو آھي.ھي گروپ دنيا جي آبادي جو 56 سيڪڙو نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن ته (جي 7 ) ملڪ دنيا جي آبادي جو صرف 10 سيڪڙو رھي ٿو.برڪس جي سربراھي اجلاس ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ذاتي طور تي شرڪت نه ڪئي. هو يوڪرين ۾ فوجي ڪارروائي سبب بين الاقوامي فوجداري عدالت کي گهربل آهي. برازيل ، روم اسٽيچيو واري قانون تي صحيح ڪندڙ آهي ۽ عدالت پاران جاري ڪيل وارنٽن جي تعميل ڪرڻ جو پابند آهي. تنهن ڪري صدر پيوٽن برازيل جي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
صدر پيوٽن وڊيو لنڪ ذريعي برڪس سربراهي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 2024 ۾ روس ۽ برڪس ملڪن جي وچ ۾ واپار جو 90 سيڪڙو قومي ڪرنسي ۾ ادا ڪيو ويو. صدر پيوٽن عالمي واپاري نظام ۾ ڊالر جي غلبي جي سخت خلاف آهي. چيني صدر شي جن پنگ جي نمائندگي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڪئي. برازيل جي صدر لوئس لولا سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقرير ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو. هن آمريڪي صدر جي نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته، ‘برڪس جا ملڪ ڪنهن به "بادشاهه” جي ماتحت زندگيءَ نٿا گذارڻ چاهين.’ ٻن ڏينهن جي اجلاس جي آخر ۾ هن چيو ته "اسين خود مختيار قومون آهيون ۽ ڪنهن به "شهنشاهه” کي نٿا مڃيون“ هن سربراهي اجلاس ۾، ميمبر ملڪن صدر ٽرمپ جي نالي وٺڻ کان سواءِ آمريڪي واپاري پاليسي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کي غير قانوني ۽ دنيا لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو. صدر ٽرمپ ڪجهه ڪلاڪن اندر ان جو جواب ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو به ملڪ آمريڪا مخالف پاليسين جي حمايت ڪندو ان تي 10 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. هن برازيل جي صدر جي تنقيد جو حساب چڪائيندي، ھن تي ملڪ جي اڳوڻي صدر جير بولسو نارو کان خوفناڪ سلوڪ ڪرڻ جو الزام ھنيو. صدر ٽرمپ چيو تھ "مان ڊالر جي حفاظت ڪندس.” هن وڌيڪ چيو "جيڪي ملڪ ڊالر ڪي عالمي رزرو ڪرنسي ھئڻ جي خلاف آھن، انهن کي ٽيرف ۽ ڏنڊن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڊالر جي موجوده حيثيت جو خاتمو صرف هڪ معمولي جنگ ۾ نه پر هڪ وڏي عالمي جنگ ۾ شڪست جي برابر هوندو. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو، ته اسان اهو ملڪ نه هونداسين جيڪو اڄ آهيون. اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين. ڊالر بادشاهه آهي ۽ بادشاهه رهندو.”
برڪس جي 17 ھين سربراهي اجلاس جو گڏيل اعلان انھن معاشي ۽ سياسي تبديلين طرف چٽو اشارو ڪري ٿو جيڪي عالمي منظرنامي ۾ رونما ٿيڻ واريون آھن. اعلان ۾ اولهھ ۽ آمريڪا جي ھڪ ھٽي واري عالمي معاشي ۽ سياسي نظام، آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، ڊبليو ٽي او ۽ ٻين ادارن جن ۾ گڏيل قومون بھ شامل آهن، انھن ۾ سڌارن جي ذريعي منصفاني توازن پيدا ڪرڻ ۽ عالمي ڏکڻ ۽ اوڀر جي ملڪن کي نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ڊالر جي سياسي استعمال ۽ پابندين جي عمل کان روڪڻ لاءِ، برڪس ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ قومي ڪرنسي ۾ ادائيگيون ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ ڊجيٽل نظام کي وڌيڪ ڪارآمد ۽ تيز بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.
پڌرنامي ۾ آمريڪا ۽ اولھھ جي حوالي سان سخت لفظن جي استعمال ۽ ڪنهن به ملڪ جي نالي وٺڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي نشاندھي ڪئي وئي آهي. پهلگام دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. ايران تي حملن کي بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته، اسرائيل ۽ آمريڪا جو نالو نه ورتو ويو آهي. يوڪرين ۾ روسي فوجي آپريشن تي خاموي اختيار ڪئي وئي آهي. غزه ۽ ويسٽ بينڪ کي مستقبل جي فلسطين جو حصو تسليم ڪيو ويو آهي.برڪس اعلان 31 صفحن تي ٻڌل آھي. اعلان ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن تائين ٻه سو اجلاس ڪيا ويا، ان دوران، گڏيل سھڪار لاءِ ٻه سو طريقا پڻ تيار ڪيا ويا. ان سنجيده مشق مان ظاھر ٿئي ٿو تھ برڪس ملڪ هڪ گهڻ رخو، منصفاڻو، عالمي معاشي ۽ سياسي نظام جي قيام کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيا آهن. برڪس سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي دنيا جي سامهون ڌرين جو جيڪو موقف سامهون آيو آھي، ان جو خلاصو ڪجهھ هن ريت آھي.
هڪ جي دعويٰ آھي ته ‘ڊالر بادشاهه آهي، بادشاهه رهندو’، مقابلي وارن اعلان ڪيو آھي ته ‘اسين ڪنهن به بادشاهه کي نٿا مڃيون ‘. تاريخ جي ارتقائي عمل جا پنهنجا اسرار ۽ ضابطا آهن. ڏسو ته ڪير ڪنهن تي غالب اچي ٿو.