ڪجهھ وقت جي ٺاپر کان پوءِ ھڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ دھشتگردي جي لھر اٿي آھي.بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف، مودي سرڪار جي پهلگام ڊرامي کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي خطرناڪ منصوبي کي بي نقاب ڪندي گذريل هفتي اشارو ڪيو هو ته ڀارت ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي دهشتگرد ڪاررواين ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. ممڪن صورتحال جي ڪري پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن کي سرچ آپريشن کي وڌيڪ مؤثر ۽ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ ڪوئيٽا هاءِ وي تي نامعلوم هٿياربند ماڻهن ٽريفڪ کي بلاڪ ڪيو ۽ ڪيمنگو چار بازار ۾ نادرا، جوڊيشل ڪمپليڪس ۽ نيشنل بينڪ سميت ڪيترن ئي سرڪاري عمارتن تي قبضو ڪري انهن کي باهه ڏئي ڇڏي. شڪي ماڻهن بسن ۽ ڪارن جي ڳولا ڪئي ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. اختيارين شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو آهي ۽ رات جو ٽرئفڪ بحال ڪئي وئي. هڪ ٻئي واقعي ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڪوٽ لانگو ويجهو ليويز چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو. ليويز عملدارن قلات ضلعي ۾ رحيم آباد ويجهو قومي شاهراهه تي پل هيٺان هڪ طاقتور بم ڌماڪي جي به رپورٽ ڏني، جنهن سان پل جي هڪ حصي کي جزوي نقصان پهتو.
مستونگ جي علائقي خاد ڪوچا ۾ مسافر ڪوچ تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت ڇهه ماڻهو زخمي ٿي پيا. اهي واقعا بلوچستان ۾ دهشتگردي جي هڪ نئين لهر جي نشاني تي نظر اچن ٿا. خيبر پختونخواه پڻ مسلسل فتنه الخوارج جي نشانو بڻيل آهي. ان کان اڳ جو اهي ماڻهو ٻنهي صوبن ۾ اهڙيون وڌيڪ ڪارروايون ڪن، اميد آهي ته لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارا پوري طاقت سان پنهنجو مٿو پٽيندا رهن. هن وقت پاڪستان جنگ جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ سول ڊفينس جي اهميت ۽ اثرائتي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
تازو بلوچستان جي گهرو کاتي پهرين جنوري کان 30 جون تائين صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته سال 2025ع جي هنن ڇهن مهينن ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 45 سيڪڙو ۽ آبادگارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ هن سال جي پهرين 6 مهينن دوران 501 دهشتگردي جي واقعن ۾ 133 اهلڪارن سميت 257 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 238 اهلڪارن سميت 492 ماڻهو زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب، هلندڙ سال غير مقامي 14 حملا ٿيا جن ۾ 52 ماڻهو مارجي ويا. جڏهن ته 11 زخمي ٿيا، انهن حملن ۾ ڪريڪر ۽ گرنيڊ بمن جو استعمال ڪيو ويو، اي ڊي بارودي سرنگ جا ڌماڪا ۽ راڪيٽ فائر جا ڪُل 81 واقعا ٿيا.جنهن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا ۽ 112 زخمي ٿيا. مطلب ته گذريل ڇهن مهينن ۾ عام ماڻهن تي 39 حملن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ 29 زخمي ٿيا. ساڳئي عرصي دوران، ٽرينن تي ٻن حملن ۾ 29 ماڻهو مارجي ويا.ان کان علاوه، پوليو ورڪرز تي حملي ۾ هڪ ورڪر مارجي ويو، جڏهن ته هڪ موبائل ٽاورز تي حملي جا 9 واقعا پيش آيا، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا.
آخر دھشتگردي جي هن تازن واقعن ۾ ڪير ملوث ٿي سگهي ٿو ڇو ته هڪ طرف ڀارت اسان جي ملڪ سان جنگ جهڙو ماحول پيدا ڪري بيٺو آهي ته ٻئي طرف افغاني اسان جي سرحدن کي غير محفوظ بڻائي بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي واقعن ۾ اتان جا شھري دهشتگردي ۾ ملوث نظر آيا آھن. دھشتگردي جي هن واقعي تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪٿي گم آهن جو ڇهن مهينن اندر ايترا سارا واقعا ٿيا آهن ۽ اسان هر واقعي کانپوءِ رسمي ترديد ڪندا رهيا آهيون۔ هن وقت پاڪستان ۾ رھندڙ سمورن غير قانوني ماڻهن کي واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ گهرجي۔ ڇو جو اهي شروع کان وٺي پاڪستان جي امن کي خراب ڪرڻ ۾ ملوث رھيا آھن،خاص طور تي افغاني پٺاڻ ڀتاخوري، قبضاگيري سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف دھشتگردي جي وڏن واقعن ۾ به ملوث رھيا آھن، جيڪڏهن ماضي قريب جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته خبر پوي ٿي ته افغانستان جي سرزمين ھميشه پاڪستان ۾ دھشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿيندي رھي آھي، ماضي ۾ جڏھن به انھن جي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي ته انھن دھشتگردن خونريزي ڪري بدلو ورتو.هن وقت افغانستان ۾ ڪا به جنگي صورتحال ناھي ته انھن جو وڌيڪ ھتي رھڻ ۽ ملڪي معيشت تي بار بڻجڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز ناھي رھيو ۽ ان معاملي ۾ پاڪستان حڪومت کي فوري قدم کڻڻ گهرجي۔ ڇوته هينئر اسان جنگي صورتحال ۾ آهيون پنهنجي ملڪي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي جيڪڏهن سرحدون محفوظ نه هونديون ته دهشتگردن جي يلغار ملڪ اندر داخل ٿيندي ۽ پاڪستان کي غير مستحڪم بڻجي ويندو۔ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري طور حرڪت ۾ اچڻ گھرجي، ڇو ته جيستائين ملڪ ۾ غير ملڪي موجود رھندا ايستائين پاڪستان جو عوام ۽ ادارا غير محفوظ رھندا. پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ مان غير ملڪين جو مڪمل صفايو ضروري آھي، ٻي صورت ۾ اسان کي ڪنھن نئي سانحي لاءِ تيار رھڻو پوندو.