غزا ۾ فضائي حملا ۽ امدادي سامان وٺندڙن تي فائرنگ، وڌيڪ 59 ڄڻا شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ ڇنڇر ڏينهن امدادي سامان وٺڻ لاءِ ويندڙ وڌيڪ 31 ڄڻن کي گوليون هڻي ماريو ويو، جڏهن ته فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ڄڻا مارجي ويا آهن.
رپورٽ موجب مارجي ويل 31 فلسطيني امدادي سامان جي انهن مرڪزن ڏانهن وڃي رهيا هئا، جن کي اسرائيل ۽ آمريڪي حمايت يافتا تنظيم غزا هيومينٽيرين فائونڊيشن هلائي رهي آهي.
الاقصيٰ اسپتال اختيارين ٻڌايو ته غزا جي علائقي دير البلاح ۾ ٿيندڙ فضائي حملي ۾ 13 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن.
اهڙي ريت نصر اسپتال جي اختيارين چيو ته خان يونس جي علائقي ۾ به فضائي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.